ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جو توانائي وارو وزير ڪي اليڪٽرڪ تي ڪاوڙجي پيو امتياز شيخ چيو ته ڪي اليڪٽرڪ پيپلزپارٽي جي اڪثريتي علائقن کي ڄاڻي واڻي ٽارگيٽ ڪيو آهي 14 کان 18 ڪلاڪن جي لوڊشيدنگ عوام جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي تفصيل مطابق امتياز شيخ بجلي جي لوڊشيڊنگ تي سخت ردعمل ڏيندي چيو ته مسلسل بل ڀريندڙ واهپيدارن کي ڪنهن ڏوهه جي سزا ڏني پئي وڃي هن چيو ته جيڪي خانگي ڪمپني ڪراچي اليڪٽرڪ کي وٺڻ ۾ دلچسپي رکن ٿيون اهي صوبائي ۽ وفاقي حڪومت سان رابطو ڪن سنڌ حڪومت انهن جي مدد ڪندي امتياز شيخ چيو ته ڪي اليڪٽرڪ خانگي ادارو هجڻ تي من مستيون ڪري رهيو آهي جيڪو برداشت کان ٻاهر آهي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ 7 وڌيڪ بلنگ جي شڪايتون برداشت کان نڪري ويون آهن صوبائي حڪومت ڪي اليڪٽرڪ حيسڪو ۽ سيپڪو بابت شڪايتن تي وفاقي حڪومت سان مسلسل رابطي ۾ آهي.
