ڪينيڊين پارليمنٽ ۾ فلسطين جي ھڪ ۾ ٺھراءُ منظور

اوٽاوا(ويب ڊيسڪ)ڪينيڊا جي پارليامينٽ ۾ فلسطيني رياست جي قيام جي قرارداد اڪثريت راءِ سان منظور ڪئي وئي آهي.پارليامينٽ وچ اوڀر ۾ هڪ جامع، منصفانه ۽ پائيدار امن لاءِ اسرائيل ۽ فلسطين جي ٻه رياستي حل جو مطالبو ڪيو.ڪينيڊا جي پارليامينٽ طرفان منظور ڪيل قرارداد موجب ڪينيڊا پنهنجي عالمي ڀائيوارن سان گڏجي فلسطيني رياست جي قيام لاءِ ڪم ڪندو.قرارداد نيو ڊيموڪريٽڪ پارٽي (NDP) پاران متعارف ڪرايو ويو ۽ 204 جي 117 ووٽن سان منظور ڪيو ويو حڪمران لبرل پارٽي جي لڳ ڀڳ سمورن ميمبرن، بشمول وزيراعظم جسٽن ٽروڊو، ٻين پارٽين، بلاڪ ڪيوبيڪو ۽ گرين پارٽي سميت، ترميمي قرارداد جي حق ۾ ووٽ ڏنو، جڏهن ته اپوزيشن ليڊر پيئر پوليوور ۽ سندس ڪنزرويٽو پارٽي جي ميمبرن قرارداد جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو اين ڊي پي سربراهه جگميت سنگهه قرارداد جي منظوري کي پنهنجي پارٽي جي فتح قرار ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو