البرٽا (ويب ڊيسڪ)ڪئناڊا جي شهر البرٽا ۾ ننڍو جهاز ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا.آمريڪي ميڊيا موجب ننڍو جهاز جمعي جي رات جبل واري علائقي ۾ ڪري تباهه ٿيو.حادثي جو شڪار جهاز جا مسافر چرچ جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيا هئا.رپورٽن مطابق جهاز ۾ 1 پائلٽ ۽ 5 ڄڻا سوار هئا ۽ اڏام جي اڌ ڪلاڪ کانپوءِ جهاز سان رابطو ختم ٿي ويو.پرڏيهي ميڊيا موجب حادثي واري هنڌ موسم خشڪ هئي، جڏهن ته واقعي جي جاچ پڻ شروع ڪئي وئي آهي.
