ڪراچي (نمائندن وٽان) سامونڊي طوفان “ڪيار” سبب سنڌ ۽ بلوچستان جي ساحلي پٽي لڳ آبادين ۽ ڳوٺن ۾ پاڻي داخل، سوين ڳوٺن جا هزارين گهر پاڻي هيٺ، 4000هزار کان مٿي ماهيگير سمنڊ ۾ ڦاٿل آهن جن جا وارث پريشان آهن، نيوي وارن سمنڊ ۾ مڇي مارڻ لاءِ ويندڙن تي پابندي مڙهي ڇڏي آهي. سوين ڳوٺ متاثر ٿيا آهن، منجهند ڌاري چڙهيل سمنڊ شام جو ڪجهه لهي ويو پر مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته رات جو چانڊوڪي تي لهرون وري چڙهي وينديون ۽ وڏو خطرو آهي. انتظاميه ڪو به تحرڪ ناهي ورتو سوين ڳوٺن جا ماڻهو پريشان آهن. لسبيلي جا ساومنڊي پٽي تي ڳوٺ به ڪافي متاثر ٿيا آهن. سمنڊ ۾ چاڙهه سبب گادي واري شهر ڪراچي، ٺٽو، جاتي، ساڪرو، سجاول ۽ ٻين ساحلي علائقن ۾ سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا.***ملير مان شهزادو مستوئي موجب سمنڊ ۾ چاڙهه سبب تيز طوفاني لهرون ابراهيم حيدري، ريڙهي ڳوٺ، لٺ بستي، چشما ڳوٺ، سچل ڏنو پاڙو ڊبلو پاڙو ۽ چشما ڳوٺ ۾ لهرون داخل ٿي ويون، بچاءُ بند ٽوڙي لهرون مهاڻن جي آبادين کي سخت متاثر ڪيو، گهٽين ۽ گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آهي.

گهرن جو سامان ٻڏي ويو گهرن ۾ موجود عورتون ۽ ٻار محفوظ ھنڌن ڏانهن منتقل ٿي ويا. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ملير ۽ ضلعي ڪائونسل ڪراچي ۽ ٻي انتظاميا ڪي به اپاءَ ناهن ورتا.***سجاول مان سليم ملاح موجب طوفان “ڪيار” جا جاتي جي ساحلي پٽي تي اثر ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن،ڪلڪان ڇاڻي بچاءَ بند تان ڳوٺ محمد عمر ٿهيم ۽ حاجي ڏونگر جت ڀرسان بچاءَ بند کي 20 فوٽ جو گهارو لڳي وڃڻ ڪري سمنڊ جون لهرون تيزي سان محمد عمر ٿهيم، حاجي ڏونگر جت، قاسم ٿهيم، الهڏنو ملاح، حاجي شفيح ٿهيم، ارباب پاندي ٿهيم،سلام ٿهيم سميت ٻين ڳوٺن ڏانهن وڌڻ لڳو آهي. جڏهن ته نانگڻ ڍورو آئوٽ فال ڊرين مان غير قانوني نڪتل ڪراس پائپن مان سمنڊ جو پاڻي ڳوٺن طرف تيزي سان وڌڻ لڳو آهي. هوڏونهن جاتي تعلقي جا تقريبن 400 کان مٿي هوڙا ۽ هزارين ماهيگير اڃان سمنڊ ۾ ڦاٿل آهن، جن کي انتظاميا طرفان اطلاع نه ملڻ سبب هو واپس تڙن تي نه پهچي سگهيا آهن، جنهن ڪري سندن وارث پريشان آهن. پاڪ فوج جي جوانن پاران سمنڊ ۾ شڪار لاءِ وڇڻ تي پابندي هنئي وئي آهي ۽ جيڪي ڦاٿل آهن انهن کي ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. ضلعي انتظاميان پاران مهاڻهن کي سمنڊ مان ٻاهر ڪڍڻ ۽ ساحلي پٽي جي ڳوٺاڻن کي محفوظ هندن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ڪي به اپاءُ نه ورتا ويا آهن، ساحل بچايو ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ عاجز علي محمد ٿهيم ميڊيا کي ٻڌايو ته ضلعي انتظاميان جي لاپرواهي سبب سامونڊي بچاءَ بند تعمير نه ڪرڻ ۽ وڌيڪ بچاءَ بند نه ڏيڻ ڪري ساحلي پٽي جا سوين رهواسين جو ساهه مُٺ ۾ آهي.

هن چيو ته هڪ محطاط اندازي موجب 3 هزار ماڻهو سمنڊ ۾ ڦاٿل آهن. ***چوهڙ جمالي مان ناشاد ملاح موجب سامونڊي طوفان “ڪيار” شاھبندر ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي، 30 کان وڌيڪ ڳوٺ ۽ 500 کان وڌيڪ گھر پاڻي ھيٺ اچي ويا آهن. متاثر يونين ڪائونسلن جان محمد جت ۽ يونين ڪائونسل شاھبندر جي مختلف ڳوٺن جنھن ۾ ڪوڏاريو شريف، ڳوٺ عمر جت، ڳوٺ ناکو ملاح، ڳوٺ ٻير ملاح، ڳوٺ حاجي يوسف جت، ڳوٺ نور محمد اپلاڻو، ڳوٺ احمد جت، ڳوٺ مجيد جت ۽ ڳوٺ گھنور جت شامل آهن. جڏھن ته آٿرڪي ۽ موسي سميت ڪيترن ڳوٺن ۾ سمنڊ جو کارو پاڻي اچڻ سبب ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن، مٺي پاڻي جا تلاءَ به کارا بڻجي ويا آهن. ڳوٺاڻا لڏپلاڻ تي مجبور رھواسي بي يارو مددگار بڻيل جڏھن ته ٻي پاسي ڪيار طوفان سبب ڪيترائي ماهيگير شاهبندر جي تڙ وٽان روزگار سانگي اونهين سمنڊ ۾ ويل آھن جيڪي اڃا تائين واپس ناهن آيا.

مقامي انتظاميه ماهيگيرن جي واپسي لاء ڪي به انتظام نه ڪيا آھن جنهن جي ڪري علائقي ۾ خوف حراس واري صورتحال آھي.*** ڳاڙهو مان علي رضا ڪاپڙي موجب گهوڙا ٻاري جي ڳوٺ، محمد علي شولاڻي، سيلمان شولاڻي، سومار شولاڻي، حاجي شولاڻي، محمد حسن ماڇي، احمد خان رجھيرو ۽ عيسيٰ رجھيرو ۾ سمنڊ جو پاڻي داخل ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 300 کان وڌيڪ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. سامونڊي پاڻيءَ ۾ چاڙهه جي متاثر علائقن مان سوين ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن. متاثرن جو چوڻ آهي ته انتظاميا سنگين لاپرواهيءَ جو مظاهرو ڪندي کين بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو آهي، سمنڊ ۾ چاڙهه کانپوءِ سندن گهر ٻڏي ويا، پر ڪنهن به سار نه لڌي آهي. ساڪري جي ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ پاڻي داخل ٿي ويوآهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڏيڍ سئو کان وڌيڪ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. ماڻهن ۾ خوف آهي ته رات جو ڪنهن مهل به سمنڊ جون لهرون وري چڙهي سگهن ٿيون جنهن سبب پوري ساحلي پٽي ۾ خوف آهي.










