ڪور ڪمانڊر هائوس ڪيس: پي ٽي آءِ چيئرمين سوڌو 5 جوابدار طلب

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ڪور ڪمانڊر هائوس لاهور تي حملي واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين سوڌو 5 جوابدارن کي طلبي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن،جي آءِ ٽي بشريٰ بيبي، حماد اظهر، حسان نيازي ۽ مراد سعيد کي طلب ڪري ورتو آهي،پي ٽي آءِ چيئرمين سوڌو ٻين کي جاري طلبي نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار اڄ رات تائين سرور روڊ ٿاڻي تي داخل ڪيس جي جاچ لاءِ پيش ٿين،نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته سول لائينز ۽ ماڊل ٽائون جا ايس پي پي ٽي آءِ چيئرمين جي پيشي کي يقيني بڻائين،واضح رهي ته 9 مئي واقعن جي ڪيس ۾ قتل، ڀڃ ڊاهه، جلاءُ گهيراءُ ۽ دهشتگردي جا قلم شامل ٿيل آهن

پهنجو تبصرو موڪليو