ڪورونا جيڪري صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي،ناصر شاهه

ڪراچي( اسٽاف رپورٽر)سڌ سماءَ ۽ مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، ان جي ڪري اسان کي سخت فيصلا ڪرڻا پون ٿا. ڪووڊ جي بابت  اين سي او سي جي هدايتن تي عمل ڪرڻ لازم آهي، جيڪڏهن مڪمل لاڪ ڊائون کان بچڻو آهي ته حڪومت جي سفارشن تي عمل ڪيو وڃي.اها ڳالهه هن پراونشل ٽاسڪ فورس جي اجلاس بعد جاري پنهنجي هڪ وڊيو بيان ۾ ڪئي. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته ماسڪ جو استعمال انتهائي ضروري آهي ۽ سڀني کي ماسڪ استعمال ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ڪاروبار جو ٽائيم صبح جو 6 وڳي کان شام جو 6 وڳي تائين آهي، ان تي ايس او پيز سان گڏ عمل ڪرڻو پوندو. خانگي شعبي ۾ ايس او پيز تي عمل نه پيو ڪيو وڃي ۽ 50 سيڪڙو حاضري تي پڻ عمل نه پيو ڪيو وڃي. جتان جتان ان قسم جي شڪايتون مليون ته ان تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.صوبائي وزير چيو ته صحت واري شعبي سان لاڳاپيل سمورا سرڪاري ۽ خانگي ادارا انهن پابندين کان آجو آهن پر ايس او پيز تي عمل ضرور ڪن ۽ جڏهن ته انهن جي ملازمن جي حاضري 100 سيڪڙو رهندي، صوبائي حڪومت جا ادارا 20 سيڪڙو حاضري کي يقيني بڻائيندا. سمورن ادارن جا سربراهه ڪنهن به ملازم کي ضرورت پوڻ تي گهرائي سگهن ٿا.صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته انٽرسٽي پبلڪ ٽرانسپورٽ تي مڪمل طور تي پابندي عائد ڪئي وئي آهي، جڏهن ته شهرن جي اندر هلندڙ پبلڪ ٽرانسپورٽ ايس او پيز تي عمل ڪندي 50 سيڪڙو گنجائش سان هلائي سگهجي ٿي، ان جي خلاف ورزي ڪرڻ وارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.هن چيو ته بين الصوبائي ٽرانسپورٽ کي پڻ بند ڪيو پيو وڃي. ٽرانسپورٽرز کي گذارش آهي ته هو پنهنجون گاڏيون نه هلائين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو