ڪورس شروع نه ٿي سگهيو، استاد غائب، شاگرد پريشان

ٽنڊو محمد خان (ن س) گورنمنٽ ڊگري ڪاليج بلڙي شاھ ڪريم جي شاگردن شاگردياڻين سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ جاري هيستائين ڪاليج م مڪمل پيرڊ به نه هلي سگهيا ، 7، استاد هڪ پرنسيپال مقرر هوندي به تدريسي عمل ڌڪي اسٽارٽ آھي ڪوبه استاد ڪاليج نه ٿو اچي شاگرد شاگردياڻيون هرروز ڪاليج اچن ٿا پر استادن جي نه اچڻ سبب سندن تعليم تمام متاثر ٿي رهي آھي روزاني صرف هڪ استاد ايندو آھي پر ڪڏھن ڪهڙو ته ڪڏھن ڪهڙو شاگرد ۽ نياڻيون تعليم حاصل ڪرڻ لاء تقريبن هڪ ڪلو ميٽر پنڌ ڪري ڪاليج پهچن ٿا پر استاد هميشه غائب رهن ٿا ۽ شاگرد مايوس ٿي واپس هليا وڃن ٿا. روزاني  70کان 80 شاگرد ۽ 20کان 30 نياڻيون تعليم پرائڻ لاء اچن ٿا پر استاد صاحبان ڪاليج اچڻ کان قاصر آھن جڏھن ته گورنمنٽ ڊگري ڪاليج جي شاگردن وزير تعليم ۽ ٻين لاڳاپيل اعلي اختيارين کان گهر ڪئي ته ڪاليج جي سڀني استادن کي هرروز ڪاليج اچڻ جو پابند بڻايو وڃي ته جئين اسان تعليم پرائي سگهون جيڪو اسان جو بنيادي حق آھي ۽ اسان پنهنجو مستقبل تعليم سان سنواري سگهون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو