ڪوئٽا کان ڪراچي ويندڙ ٽرڪ مان 60 ڪل چرس هٿ

نوشهروفيروز(مشتاق حسين مري) ايڪسائيز ۽ نارڪوٽيڪس پوليس چيڪنگ دوران ڪوئٽا کان ڪراچي ويندڙ ٽرڪ نمبر TKC-213 کان 60 ڪلو چرس برآمد ڪري ڊرائيور مٿان ڪيس داخل ڪري ورتو. ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن آفيسر يعني اي ٽي او محمد امين ملڪ ايڪسائيز آفيس ۾ پريس بريفنگ ڏيندي صحافين کي ٻڌايو ته ايڪسائيز چيڪ پوسٽ رسول آباد جو انچارج انسپيڪٽر خالد حسين منگي، علي گوهر سولنگي، محمد اقبال، بابر علي روز جي معمول مطابق چيڪنگ ڪري رهيا هئا ته ڪوئٽا کان ڪراچي ويندڙ ٽرڪ کي بيهاري چيڪنگ ڪئي ته ان جي تيل واري ٽانڪي ڀرسان هڪ خفيه خاني مان 60 ڪلو چرس برآمد ٿيو. ٽرڪ ڊرائيور سيد صبور احمد کي گرفتار ڪري سندس مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ضلعي نوشهروفيروز منشيات خلاف ڪارروايون جاري رهنديون جنهن لاءِ اسان جي تجربيڪار ٽيم ۽ نوجوان هر وقت تيار آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو