ڪوئٽا مسجد ۾ بم ڌماڪو 3 شهيد 19 زخمي

ڪوئيٽا (م ڊ) ڪوئيٽا جي پشتون آباد جي علائقي ۾ رحمانيه مسجد اندر جمع نماز مهل ڌماڪو3 ڄڻا شهيد ۽ 19 زخمي ٿي پيا. سيڪورٽي ايجنسين علائقي کي گهيري ورتو ۽ تلاشي بعد ڪليئرڪيو. ڊي آءِ جي عبدالرزاق چيما موجب ڌماڪو جمع نماز کان اڳ ۾ ٿيو ۽ نصب ڪيل بارودي مواد ڦاڙيو ويو. هن ٻڌايو ته ڪوئٽا ۾ 618 مسجدون آهن جن مان 100 مسجدن تي 1500 پوليس نفري تعينات آهي. ڌماڪي جو آواز ايڏو وڏو هو جو پري پري تائين ٻڌو ويو. عيني شاهدن موجب ڌماڪي جي شدت سبب ڀرپاسي جي عمارتن کي به نقصان پهتو. سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر سليم ابڙو موجب 3 شهيد ٿيا آهن ۽ 19 زخمي آهن جن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي. ياد رهي ته موجودو رمضان جي مهيني ۾ بلوچستان ۾ دهشتگردي جو هي پنجون واقعو ٿيو آهي. وزيراعليٰ ڄام ڪمال عالياڻي ڌماڪي جي مذمت ڪندي سيڪورٽي سخت ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.  ياد رهي ته جمع نماز مهل ڪابل جي هڪ مسجد ۾ پڻ ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ مشهور عالم دين مولانا سميع الله ريحان فوت ٿي ويو ۽ 16 نمازي زخمي ٿي پيا.

پهنجو تبصرو موڪليو