ڪوئيٽا ۾ ٽماٽر ۽ مرغي جي اگهن ۾ واڌ

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي شهر ڪوئيٽا ۾ ٽماٽا ۽ مرغي جي اگهن ۾ واڌ ٿي وئي آهي.ڪوئيٽا ۾ ٽماٽر جي في ڪلو قيمت ۾ 30 رپيا وڌيڪ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.مارڪيٽ ذريعن موجب ٽماٽو جو في ڪلو اگهه 180 رپين تائين پهچي ويو آهي.ڪوئيٽا ۾ ڪڪڙ جي گوشت جي قيمت ۾ 50 رپيا في ڪلو واڌ ٿي وئي آهي، جنهن کانپوءِ مرغي جي گوشت جو اگهه 700 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته هن مهيني مرغي جي گوشت جي قيمت ۾ 200 رپيا في ڪلو واڌ ٿي وئي آهي.شهر ۾ پياز جو في ڪلو اگهه 220 کان 240 رپيا برقرار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو