ڪوئيٽا-ڪراچي قومي شاهراهه تي ٽرئفڪ حادثي ۾ 5 ڄڻا فوت

ڪوئيٽا-ڪراچي قومي شاهراهه تي ٽرئفڪ حادثي ۾ 5 ڄڻا فوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي سوراب جي ويجهو ڪوئيٽا-ڪراچي هاءِ وي تي هڪ ٽرئفڪ حادثي ۾ پنج ماڻهو فوت ٿي ويا.ليويز اختيارين موجب ڪوئيٽا-ڪراچي نيشنل هاءِ وي تي ناگهد پوائنٽ تي تيز رفتاري سبب ٽي ڪارون ڪنٽرول وڃائي ويٺيون ۽ هڪ ٻئي سان ٽڪرائجي ويون.ليويز اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ 5 ماڻهو موقعي تي ئي فوت ٿي ويا ۽ 4 ماڻهو زخمي ٿي پيا، جن کي طبي امداد لاءِ سوراب اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.ليويز اختيارين وڌيڪ ٻڌايو ته فوت ٿيل ۽ زخمين جو تعلق ڪوئيٽا سان ٻڌايو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو