ڪوئيٽا کان پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس تي راڪيٽ حملو

ڪوئيٽا کان پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس تي راڪيٽ حملو

نصير آباد(ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا کان پشاور ويندڙ جعفر ايڪسپريس تي نامعلوم ماڻهن راڪيٽ حملو ڪيو. حملي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو ۽ ٽرين کي محفوظ طور تي جيڪب آباد پهچايو ويو، سينئر سپرنٽنڊنٽ آف پوليس (ايس ايس پي) نصيرآباد غلام سرور ڀيو مقامي صحافين کي ٻڌايو ته نامعلوم هٿياربند ماڻهن نصيرآباد ضلعي جي نتل ويجهو ريلوي ٽريڪ تي هڪ ٽرين تي چار راڪيٽ فائر ڪيا.پوليس موجب، حملو جعفر ايڪسپريس تي ڪيو ويو، پر خوشقسمتيءَ سان ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. ايف سي ۽ پوليس اهلڪارن فوري طور تي جوابي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ حملي آور موقعي تان فرار ٿي ويا.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعو الطاف آباد ۾ پيش آيو، جتي چار راڪيٽ فائر ڪيا ويا، پر ٽرين کي محفوظ طور تي ڊيرا مراد جمالي ريلوي اسٽيشن پهچايو ويو، جڏهن ته واقعي واري هنڌ کي گهيري ۾ رکيو ويو آهي ۽ ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن.ايس ايس پي چيو ته ڊيرا مراد جمالي کان ڪليئرنس کانپوءِ جعفر ايڪسپريس ۽ بولان ميل کي جيڪب آباد موڪليو ويو آهي، واقعي کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز ريلوي ٽريڪ جي چوڌاري سيڪيورٽي سخت ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو