ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي گادي واري هنڌ ڪوئيٽا کان ملڪ جي اندروني علائقن تائين ٽرين سروس هڪ ڏينهن جي خلل کان پوءِ بحال ٿي وئي آهي.ريلوي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪوئيٽا کان جعفر ايڪسپريس مسافرن سان گڏ پشاور لاءِ روانو ٿي وئي آهي.ٻئي طرف، پشاور کان جعفر ايڪسپريس به اڄ ڪوئيٽا پهچندي ڪوئيٽا کان ڪراچي تائين بولان ميل ۽ چمن تائين مسافر ٽرين اڃا تائين معطل آهي.اختيارين جو وڌيڪ چوڻ آهي ته مسافرن جي گهٽ تعداد سبب ٻئي ٽرينون معطل ڪيون ويون آهن.










