ڪراچي ( رپورٽر ) ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿي ويل پنجن سالن جی معصوم نياڻي عليشا چنا جي بازيابي لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو معصوم نياڻي کي بازياب نه ڪرايو ته سموري سنڌ ۾ احتجاجن جو سلسلو هر تعلقي کان شروع ڪيو ويندو,سردار نثاراحمد چنا تفصيل موجب ,ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿي ويل پنجن سالن جی معصوم نياڻي عليشا چنا جي بازيابي لاءِ چنا ويلفيئر ايسوسيئيشن آف پاڪستان سپريم ڪائونسل چيئرمين سردار نثار احمد چنا جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو احتجاجي مظاهري کي سردار نثار احمد چناخطاب ڪندي چيو ته ڪنڌڪوٽ شهر مان نياڻي اغوا ٿي ويل نياڻي عليشا چنا کي آزاد نه ڪيو ويو ته سڄي سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو مظاهري ۾ صوبائي صدر سنڌ غلام حسين چنا, انجنيئر قربان علي چنا مير محرم علي چنا مير حسن چنا ڪراچي ڊويزن جو صدر زوار فدا حسين چنا عمران علي چناجنرل سيڪريٽري ڪراچي ڊويزن ۽ مرڪزي اڳواڻن شرڪت ڪئي ,
