ڪنواري ڇوڪري جي گهرو پريشانين سبب خود ڪشي

ٽنڊوغلام حيدر(ميرحسن رند) نظرپور ٿاڻي جي حد  ڳوٺ ڌارشي ڪولهي ۾ مبيناطور نوجوان 18 سالن جي ڪنواري ناري آرتي ڌي ڀورو ٺاڪر   گهر اندر پنهنجي مٿان پاڻ رپيٽر جو فائر ڪري ڇڏيو جنهن سبب سخت زخمي ٿي پئي اطلاع تي حد جي ٽنڊوغلام حيدر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي زخمي نوجوان ناري کي وارث ماتلي اسپتال کڻائي وڃي رهيا هئا تہ زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ فوت ٿي وئي ڊاڪٽرن پاران ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ارشادعلي شاهاڻي موجب ناري جا وارث چون ٿا تہ واقعو خودڪشي نه اتفاقي آهي رپيٽر بستري ۾ پيل هو اچانڪ فائر ٿيڻ سبب واقعو پيش آيو آهي جڏھن تہ اسان ان معاملي جي جاچ ڪنداسين پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد اصل حقيقت جي خبر پوندي اڃا تائين واقعي جو ڪو به ڪيس وغيره داخل ناهي ٿي سگهيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو