اسلام آباد: (رپورٽ اياز مهر) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڪنهن ۾ همت آهي ته او آءِ سي اجلاس ۾ مداخلت ڪري ڏيکاري، ان جو اهرو حشر ڪندس جو سندس نسل ياد رکندا، او آءِ سي کي ناڪام ڪرڻ ڀارتي ايجندا آهي. جيڪڏهن ڪو حادثو ٿيو ته اڳواڻن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائيندس. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته جيڪو به او آءِ سي خلاف ڳالهائي ٿو ان تي ٽي ڀيرا لعنت آهي. بلاول جي سياست ۾ اڃا کير جا ڏند نه ٽٽا آهن، اهو پيو چوي ته ڌرڻو هڻنداسين ۽ ڏسون ته او آ3 سي جو اجلاس ڪيئ ٿو ٿئي؟ شيخ چيو ته ذميوارن جي هڪ فون ڪال بعد 90 ڊگري تي ليٽي پيا، هاني سڀ ٿا چون ته او آءِ سي خلاف ناهيون، هڪ ٻار ۽ هڪ سينئر سٽيزن ڏمڪيون ڏنيو هاني ڇا ٿا چون. مونکي 22 سفيرن فون ڪئي سڀني کي چيم ته ڪنهن جو والد به اجلاس ۾ مداخلت نٿو ڪري سگهي. سنڌ هائوس ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان جي مذمت ڪيون ٿا. سنڌ هائوس واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته مون ڪمسنر ۽ ڊي سي کي چيو آهي ته حڪومت ۽ اپوزيشن وارن کي گهرائي جلسن جي جاين جو تعين ڪريو، اسين ڪنهن کي به نه روڪينداسين، اپوزيشن جي اجلاسن کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي، ڀلي جلسا ڪريو پر ڪو نقصان ٿيو ته پرچو ليڊرن تي ڏيندس. هن چيو ته اسپيڪر کي اختيار آهي ته هو بي اعتمادي واري رٿ کي حالتن موجب اڳتي وٺي وڃي سگهي ٿو، ان بابت يوسف رصا گيلاني ۽ وسيم سجاد جون رولنگز موجود آهن. اسلام آباد ۾ اهم سرڪاري عمارتن جي سيڪيورٽي رينجرز ۽ ايف سي وٽ آهي، اٽارني جنرل ريفرنس داخل ڪري رهيو آهي سومر تي، مان وفاداري مٽائيندڙن کي چوان ٿو ته سري محل، سوئز بئنڪن ۽ ايون فيلڊ ناجائز ڪمايل دولت وٺو ۽ واپس اچو ووٽ عمران خان کي ڏيو. هن هڪ سوال تي چيو ته مائنس ون کي نٿو سڃاڻان، عمران خان کانسواءِ پي ٽي آءِ ۾ انڌيرو آهي، مان عمران خان سان گڏ آهيان، 27 واري جلسي م ويندس ۽ تقرير به ڪندس.










