عمران بحران پيو پيدا ڪري، پارليامينٽ ڪاروائي جو اختيار ڏي، راڻا

عمران بحران پيو پيدا ڪري، پارليامينٽ ڪاروائي جو اختيار ڏي، راڻا

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وفاقي گهرو وزير پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ آئيني ۽ عدالتي بحران پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سمورن ادارن کي اختيار ۽ آئيني ذميواريون پارليامينٽ پاران ڏنيون آهن ۽ پارليامينٽ ڪنهن جون به ذميواريون ۽ اختيار گهٽائي يا وڌائي سگهي ٿي، پارليامينٽ بالادست آهي ۽ ان کان ڪوبه ادارو مٿانهون ناهي. گهرو وزير چيو ته آئين ۾ سڀني ادارن جي حدن جو تعين ٿيل آهي ۽ ڪنهن کي به اهي حدون اورانگهن نه گهرجن. حڪومت پاران گهرايل پارليامينٽ جو اجلاس مقرر وقت 4 وڳي کان تقريبن ڏيڍ ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو. اجلاس ۾ مسلم ليگ (ن) جون عورت ميمبر پوسٽر کڻي آيون هيون جن تي سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جستس ثاقب نثار ۽ سپريم ڪورٽ جون تصويرون هيون. ثاقب نثار واري تصوير تي هيٺان لکيل هو انصاف جو قاتل.

Photo Sindhyar

ياد رهي ته ثاقب نثار ۽ پي ٽي آءِ جي وڪيل خواجا طارق رحيم جي آڊيو ليڪ هڪ ڏينهن اڳ سامهون آئي هئي جنهن ۾ ثاقب نثار مريم جي تنقيد جي جواب ۾ هڪ مثال بيان ڪيو جنهن ۾ چيل هو ته ڪتا ڀوئڪندا رهن ۽ انهن جي ڀوئنڪڻ سان فرق نٿو پوي. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جو پي ٽي آءِ جي سينيٽرن بائيڪاٽ ڪيو. گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته روز حالتون خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هڪ پارٽي ۽ اُن جي ليڊر عمران خان 10 سالن کان ملڪ ۾ ڏڦيڙ، انارڪي ۽ بحراني ڪيفيت پيدا ڪئي آهي، اڄ حڪومت، قوم ۽ ادارن کي رهنمائي جي ضرورت آهي. عمران خان ملڪ ۾ انتظامي ۽ سايسي بحران پيدا ڪرڻ ٿو چاهي، هٿياربند جٿي سان پوليس ۽ سيڪورٽي فورسز تي گوليون ٿا هلائن، پٿربازي ٿا ڪن ۽ غليلن سان حملا پيا ڪن، پارليامينٽ گهرو کاتي کي واضح مينديٽ ڏي ته جيئن هنن خلاف ڪاروائي ڪري سگهون. هن چيو ته آڊيو ليڪس تي اعتراض ڪرڻ وارا ٻڌائين ته اها رسم ڪنهن وڌي، نيب چيئرمين ۽ طيبه گُل جون وڊيوز ڪنهن ليڪ ڪيون؟ عمران خان کي ڏڦيڙ کانسواءِ ٻيو ڪو ڪم نٿو اچي، هو ڪنهن به وقت قوم کي وڏي مسئلي جي ور چاڙهي سگهي ٿو. هن چيو ته اڳوڻي نيب چيئرمين کي بليڪ ميل ڪري اسان تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو ويو ۽ هڪ به ڪيس ڪنهن هڪ اڳواڻ تي ثابت نه ٿيو. هن چيو ته عيد رات فريال ٽالپر کي اسپتال مان گرفتار ڪرڻ وارو هاڻي ٿو چوي ته منهنجي گهرواري اڪيلي هئي پوليس ڇو آئي؟. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان آءِ ايم ايف سان معاهدو روڪڻ لاءِ مڪروهه ڪوششون ڪيون ويون، عمران خان ننهن چوٽي جو زور ڏنو ته ملڪ ڊفالٽ ڪري، نومبر ۾ اهم مقرري (موجوده آرمي چيف جي مقرري) کي سبوتاز ۽ اداري کي تڪراري بڻائڻ لاءِ لانگ مارچ ڪيو ويو. هن چيو ته عمران خان روز ڊرامو ڪندو آهي ته مونکي قتل ڪيو ويندو، قانون جي حڪمراني جي پرچار ڪندڙ عدالتن ۾ پيش نٿو ٿئي، هو جٿا وٺي عدالتن تي حملي آور ٿي رهيو آهي، عمران خان عدالتي عمل کي روڪڻ لاءِ ڄاڻي واڻي حالتون خراب ڪري رهيو آهي، عام شهرين کي ايترو تڪڙو انصاف نٿو ملي جيترو عمران خان کي ملي ٿو.هن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس پاران 90 ڏينهن ۾ لازمي چونڊون ڪرائڻ واري حڪم جي تناظر ۾ چيو ته ڇا ماضي ۾ 90 ڏينهن ۾ چونڊ ڪرائڻ جي ڪڏهن خلاف ورزي ناهي ٿي؟ واضح رهي ته گهرو وزير جو هي پارليامينت جي فورم تي ڏنل بيان ان ڏينهن سامهون آيو آهي جنهن ڏينهن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال هڪ ڪيس جي بڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته چونڊون شفاف نه ٿينديون ته عدليا مداخلت ڪندي. هن اهو به چيو آهي ته 30 تي پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ عام چونڊون ڪرايون وڃن. ٻئي پاسي عمران خان چيو آهي ته مرتضيٰ ڀٽو جيان کيس ڏينهن ٻن ۾ قتل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو