آپريشن جي حمايت نه ڪبي، ايپڪس ڪميٽي ايوان کان مٿي ناهي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جي آپريشن جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته ڪا به ايپڪس ڪميٽي پارليامينٽ کان مٿي ناهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته اڄ اسان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اسان جو مائڪرو فون بند ڪيو ويو، جنهن تي احتجاج ڪندي پارليامينٽ مان واڪ آئوٽ ڪيو. بئريسٽر گوهر چيو ته ڪنهن به آپريشن لاءِ پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ ضروري آهي، ڪميٽي ڪيتري به وڏي هجي، آئين موجب پارليامينٽ سپريم آهي، ڪنهن به آپريشن لاءِ پارليامينٽ کي به اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي ڪميٽي پارليامينٽ کان مٿي نٿي ٿي سگهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته اسان ڪنهن به آپريشن جي حمايت نٿا ڪريون، جيڪڏهن ڪو فيصلو يا معاهدو ٿيو آهي ته ان کي پارليامينٽ ۾ آندو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو