پنجاب ۾ چونڊ ملتوي ڪرڻ جو فيصلو درست آهي: مريم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، جيڪو معاشي، سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 218 تحت اليڪشن ڪميشن کي شفاف، غيرجانبدار ۽ منصفاڻي چونڊون ڪرائڻ کي يقيني بڻائڻو آهي، آرٽيڪل 224 جي تحت چونڊن ۾ وفاقي ۽ صوبائي تڪن ۾ نگران حڪومتون هجڻ گهرجن. مريم اورنگزيب چيو ته جيڪڏهن قومي اسيمبلي جون چونڊون ٿيون ته 2 صوبن ۾ حڪومتون قائم ٿي وينديون، جيڪڏهن 30 اپريل تي 2 صوبن ۾ چونڊون ٿين ها ته هميشه لاءِ تڪراري بڻجي وڃي ها.هن چيو ته اليڪشن ڪميشن اهو فيصلو سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت کانپوءِ ڪيو، فيصلو ملڪ ۾ سياسي استحڪام جي ضمانت ڏيندو.وفاقي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي سان ملڪ کي وڏي آئيني بحران مان بچائي ورتو آهي، فيصلي سان ملڪ ۾ سياسي استحڪام ايندو.مريم اورنگزيب چيو ته ملڪ ۾ مردم شماري جو عمل جاري آهي، مردم شماري کان اڳ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ چونڊون ڪرائڻ ممڪن ناهي، آئين ڪنهن شخص جي مرضي تي نٿو هلي سگهي.هن وڌيڪ چيو ته هو جڏهن چاهي آئين ٽوڙي سگهي ٿو، جڏهن چاهي اسيمبلي ٽوڙي سگهي ٿو، جڏهن چاهي پوليس اهلڪارن جا سر ڀڃي سگهي ٿو، جڏهن چاهي اليڪشن ڪميشن تي حملو ڪري سگهي ٿو، عدالت تي چڙهائي ڪري سگهي ٿو؟ اهو ڪم نه ڪندو.مريم اورنگزيب جو اهو به چوڻ هو ته چونڊون جڏهن چاهيون وينديون، هو جيڪي به فيصلا چاهين اهو ڪم نه ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو