اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان توهين عدالت ڪيس ۾ فواد چوڌري جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ 5 رڪني ڪميشن فواد چوڌري خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران فواد چوڌري جي معاون وڪيل ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي.اسلام آباد پوليس اهلڪار اليڪشن ڪميشن کي ٻڌايو ته مان وارنٽ تي عملدرآمد لاءِ فواد چوڌري جي رهائشگاهه تي ويو هوس، فواد چوڌري جي رهائشگاهه تي سندس ڀاءُ فيصل چوڌري سان ملاقات ڪئي، هو به نه ملي سگهيا آهن.ميمبر اليڪشن ڪميشن چيو ته فواد چوڌري پاڻ نه آيو ۽ نه ئي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست ڏني.فواد چوڌري جي معاون وڪيل استدعا ڪئي ته اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کي اڄ هاءِ ڪورٽ ۾ دليل ڏيڻا آهن، ڪيس ملتوي ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته هاءِ ڪورٽ هڪ ٻن ڏينهن ۾ فيصلو ڪندي.اليڪشن ڪميشن فواد چوڌري جي معاون وڪيل جي درخواست رد ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 20 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
