ڪميشن آفيس آڏو احتجاج، پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف ڪيس داخل

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) عام چونڊن ۾ مبينه ڌانڌلي تي قلم 144 جي تحت پابندي باوجود ڊويزنل اليڪشن ڪميشن جي آفيس ٻاهران احتجاج ڪرڻ تي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ پي ٽي آءِ جي 6 حمايت يافته اميدوارن سميت 62 ڄڻن ۽ 350 کان وڌيڪ نامعلوم ڪارڪنن جي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو.صادق آباد ٿاڻي ۾ پوليس جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو جنهن ۾ قلم 144 جي ڀڃڪڙي، قانون جي خلاف ماڻهن کي گڏ ڪرڻ، روڊ بلاڪ ڪري ٽريفڪ ۾ رنڊڪ وجهڻ، ڌمڪيون ڏيڻ ۽ پٿراءُ ڪري سرڪاري ملڪيت کي نقصان پهچائڻ سميت پوليس مزاحمت ۽ ٻيا قلم شامل آهن.ڪيس ۾ لکيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ جي سڏ تي ڊويزنل اليڪشن ڪميشن جي آفيس ٻاهران ڊيوٽي تي هئاسين ته چاندي چوڪ طرف 350 ماڻهن تي ٻڌل ريلي اميدوار اين اي 57 سمباريه طاهر، صوبائي اسيمبلي جي نئين چونڊيل ميمبر تنوير اسلم جي قيادت ۾ اليڪشن ڪميشن جي آفيس سامهون پهتا ۽ روڊ بلاڪ ڪري چڙ ڏياريندڙ تقريرون شروع ڪيون.مظاهرين پوليس تي پٿراءُ ڪيو جنهن سبب سرڪاري گاڏي کي نقصان پهتو. مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ ڪئي وئي جنهن تي مظاهرين گهٽين ۾ لڪي ويا ۽ وقفي وقفي سان نڪري پوليس تي پٿراءُ ڪندا رهيا جنهن ۾ 62 ڄڻن جا نالا اجمل صابر راجه، اعجاز خان جازي، زياد خليق ڪياني، سردار ناصر خان وغيره خبر پئي.جوابدارن امن امان جي جي ڀڃڪڙي ڪئي پوليس ۽ سرڪاري ڪمن ۾ مداخلت ڪري سرڪاري گاڏي کي نقصان پهچايو. پٿراءُ سبب هڪ ڪانسٽيبل زخمي ٿيو. عوام ۾ خوف پکيڙي رستو بند ڪيو ويو جنهن سبب سندن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو