ڪمند جي اگهه تي آبادگارن ۽ پاسمان ۾ ڇڪتاڻ، پيڙهائي بند

شيخ ڀرڪيو (مظفر علي بروهي) ڪمند جي اگهه تي آبادگارن ۽ پاسمان ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي ويو آهي. پاسمان پاران شگرملون بند ڪرڻ واري اعلان کانپوءِ شيخ ڀرڪيو جي فاران شگرملز ڪمند جي پيڙهائي بند ڪري ملز جا گيٽ سيل ڪري ڇڏيا آهن ۽ شگرملز جي سيڪٽرن تان ڪمند جي خريداري بند ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف آبادگارن به ڪمند جو گهٽ اگهه ملڻ ڪري ڪمند جي ڪٽائي بند ڪري ڇڏي آهي.

ان حوالي سان ايوان زراعت سنڌ جي اڳواڻ ڪامريد عبدالڪريم ٽالپر  رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته پاسمان ڪمند جو پاڻمرادو اگهه مقرر ڪري ٿي ۽ پاڻ ئي گهٽ ڪري ٿي آبادگارن جي چوڻ تي ڪڏهن به ملز وارن اگهه مقرر نه ڪيا آهن. هن چيو ته هن وقت سخت سردي سبب  هزارين مڻ ڪمند جي ڪٽائي ٿيل آهي ته اچانڪ پاسمان وارن ملون بند ڪري ڇڏيون آهن جنهن سان آبادگارن جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي ۽ پاسمان وارا ٺڳي جو ٺاهه ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سرڪار پاسمان وارن جي من مانين جو نوٽيس وٺي ۽ بنا جواز بند ڪيل ملون چالو ڪرائي آبادگارن کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو