نواب شاھه (ن س)ڪمشنرشهيدبينظيرآباد ڊويزن محمد عباس بلوچ اڄ بينظير انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي اينڊ ٽرانسپلانيٽيشن (بي آئي يو ٽي ) جو دورو ڪري انتظامن جو جائزو ورتو ان موقعي تي ڪمشنر محمد عباس بلوچ لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي هدايت ڪندي چيو ته بي آئي يو ٽي جي رهيل ڪم کي جلد مڪمل ڪيو وڃي ته جئين هن اداري کي مڪمل فعال بڻائي ضلع شهيد بينظيرآباد سميت ڀرپاسي وارن ٻين ضلعن جي گڙدن جي مريضن کي صحت جون بهتر سهولتون فراهم ڪري سگهجن هن وڌيڪ چيو ته هن اداري جو قيام شهيد بينظيرآباد ۽ آسپاس وارن علائقن جي مريضن لاءِ ڪنهن نعمت کان گهٽ نه آهي ڇاڪاڻ ته کين پهريان پنهنجي علاج لاءِ ڪراچي ۽ ٻين وڏن شهرن ڏانهن وڃڻو پوندو هو هاڻ سندن علاج هتي ممڪن آهي ڪمشنر ايس اي حيسڪو کي هدايت ڪئي ته بي آئي يو ٽي ۾ بجلي جي فراهمي لاءِ الڳ فيڊر ڏنو وڃي ته جئين بنا لوڊشيڊنگ جي بجلي جي فراهمي جاري رکي سگهجي ڪمشنر محمد عباس بلوچ ميونسپل ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته بي آئي يو ٽي ۾ صفائي جي صورتحال کي فوري طور بهتر بڻايو وڃي جڏهن ته ڊرينيج نالي لاءِ پڻ قدم کنيا وڃن ان موقعي تي ڪمشنر کي آگاهي ڏيندي ايس آئي يو ٽي جي ڪوآرڊينيٽر محمد امين ڏهراج ۽ ڊاڪٽر محمد علي سهيل ميمڻ ٻڌايو ته سنڌ حڪومت پاران بي آئي يو ٽي کي باقائده طور ايس آئي يو ٽي جي حوالي ڪيو ويو آهي جنهن جا سمورا انتظام جلد ايس آئي يو ٽي سنڀاليندي هنن وڌيڪ ٻڌايو ته هن وقت بي آئي يو ٽي جي او پي ڊي ۾ روزاني 100 کان وڌيڪ مريضن جي چڪاس ڪئي پئي وڃي جڏهن ته سخت متاثر مريضن کي داخلا لاءِ پيپلز ميڊيڪل اسپتال موڪليو پيو وڃي هنن وڌيڪ ٻڌايو ته بي آئي يو ٽي شهيد بينظيرآباد 250 بسترن تي مشتمل آهي جنهن جي باقائده فعال ٿيڻ سان انهن مريضن کي هن اداري ۾ داخل ڪيو ويندو مريضن کي ايس آئي يو ٽي ڪراچي ۽ سکر جيان علاج معالجي جون مفت سهولتون فراهم ڪيون وينديون جن ۾ جديد روبوٽڪ او ٽي ۽ ڊائيلاسز شامل آهن هنن وڌيڪ ٻڌايو ته هن اداري جو باقائده افتتاح 4 آگسٽ 2023 تي ڪيو ويندو. ان موقعي تي ايس اي حيسڪو ذوالقفار ميمڻ، مئير قاضي محمد رشيد ڀٽي، رجسٽرار پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر صالح خاصخيلي، پروفيسر ڊاڪٽر محمد علي سهيل ميمڻ، ميونسپل ڪمشنر عبدالرزاق شيخ،انفارميشن آفيسر اعجازعلي تيوڻو ۽ ٻيا عملدار ساڻس گڏ هئا.
