ڪلاڪن جا ڪلاڪ لوڊشيڊنگ بند ڪريو،احتجاج

مٽياري (رياض چانڊيو) مٽياري جي علائقي سيکاٽ فيڊر جي 24 ڳوٺن کيبر . سيکاٽ . جمع شهوڪ . ميون ماڇي . بائو ديرو . دينار شاخ . مالڪن جي واي ٻين ڳوٺن جي رهواسين ۽ احساس ويلفيئر ايسوسئيشن سان گڏجي  مٽياري پريس ڪلب اڳيان حيسڪو مٽياري انتظاميه خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو مظاهري جي اڳواڻي ايڊوڪيٽ دلشاد ميمڻ . ڊاڪٽر اياز ميمڻ . جعفر جهيجو . آصف شاھ ۽ قمرالدين قمبراڻي ڪري رهيا هئا مظاهرين جو چوڻ هو ته مٽياري جي آسپاس سيکاٽ فيڊر جي 24 کان مٿي ڳوٺن ۾ 20 . 20 ڪلاڪ غير اعلانيا لوڊشيٽنگ ڪئي پئي وڃي حيسڪو علمدار پنهنجي منٿلي جي ڪري ڳوٺن ۾ ڪنڊيون لڳايو غير قانوني ڪنيڪشن ڏيو ويٺا آهن جنهن سبب انهن جا وولٽيج پورا ڪرڻ لاء سڄو سڄو ڏينهن لائيٽون بند ڪريو ڇڏين هنن چيو ته هڪ وڏي لوڊشيٽنگ ڪن ٻيو وري بل ڊبل ڏيو ڇڏين ايس ڊي او مٽياري يا ايل ايس مٽياري آفيس ۾ لڀن ڪونه ۽ عوام پئي آفيسون لتاڙي مظاهرين چيو ته اعلا اختيارين کان مطالبو ٿا ڪيون ايس ڊي او مٽياري ۽ ايل ايس کي هٽائي غير قانوني ڪنيڪشن ۽ ڪنڊيون ڪٽي اسان کي پنهنجي حصي جي بجلي مهيا ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌائينداسين

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو