ڪشمير ۾ ڪوسٽر ڪلٽي 22 ڄڻا فوت 8 زخمي

مظفرآباد(ويب ڊيسڪ) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ضلعي سڌنوٽي ۾ اربع ڏينهن راولپنڊي ويندڙ پبلڪ ٽرانسپورٽ جي بس کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 22 ڄڻا فوت ۽ 8 زخمي ٿي پيا، پوليس ۽ شاهدن جو چوڻ آهي ته 40 سيٽن تي ٻڌل ڪوسٽر تحصيل هيڊ ڪوارٽر بلوچ کان پنهنجو سفر شروع ڪيو هو ته 7 ڪلوميٽر پنڌ ڪرڻ بعد فني خرابي پيدا ٿي وئي، ڪجهه شاهدن جو چوڻ آهي ته گاڏي پهرين جبل جي کاٻي پاسي سان ٽڪرائجي وئي ۽ 500 ميٽر اونهي کڏ ۾ ڪري ڪلٽي ٿي وئي. بس کي ڪرندي ڏسي پڪوڙا وڪڻڻ واري ڀر واري ڳوٺ اطلاع ڏنو جنهن بعد مولوي مسجد ۾ اعلان ڪيو ته ماڻهو سندن مدد لاءِ پهتا، ڊي آءِ جي پونچ راشد نعيم خان 22 ماڻهن جي فوتگي جي تصديق ڪندي چيو ته 8 ڄڻا زخمي آهن جن مان ٽن کي بلوچ ۽ 5 کي ڪوٽلي اسپتال موڪليو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو