ڪشمير ۾ اکين آڏو نمودار ٿيندڙ سانحي کان دنيا لاتعلق نه بڻجي،قريشي

جنيوا (ڊيسڪ نيوز) دنيا ڪشمير ۾ اسانجي اکين آڏو نمودار ٿيندڙ سانحي کان لاتعلق  نه بڻجي، اڄ مون اقوام متحده جي  انساني حقن جي ڪائونسل  جو دروازو کڙڪايو آهي  ۽ والاريل ڪشمير جي ماڻهن جي انساني حقن جو تحفظ، سندن لاءِ انصاف ۽ احترام گهران ٿو. اهڙو اظهار  پاڪستان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جنيوا ۾ ٿيندڙ  اقوام متحده جي انساني حقن واري ڪائونسل جي 42 هين اجلاس خطاب ڪندي ڪيو.  هن چيو ته  هي ڪائونسل دنيا جي انساني حقن جي ضمير جو مرڪز آهي، اسانکي هن مقدس اداري کي دنيا آڏو شرمندو ٿيڻ نه ڏيون ۽ پنهنجي سياسي، تجارتي، تعلقداري خاطر انساني حقن جي لتاڙ  خلاف آواز  ۽ عمل واري سوچ تي اثر انداز ٿيڻ ناهي ڏيڻو.  هن پنهنجي مفصل تقرير ۾ مطالبو ڪيو ته دنيا فوري طور تي ڇري واري بندوق جو استعمال تي پابندي هڻي، ڪرفيو ختم ڪريو،ڪميونيڪيشن بحال ڪريو، سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن موجب ڪشمير جو حل ڪڍو، انساني حقن جي لتاڙ جي جاچ لاءِ ڪميشن ٺاهيو،  ڀارت کي پابند بڻايو ته هو انساني حقن جي تنظيمين کي آزادي سان ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏئي ۽ اقوام متحده پنهنجا مبصر موڪلي. هي ڪانفرنس 27 سيپٽمبر تائين جاري رهندي ۽ پاڪستان والاريل ڪشمير  جي صورتحال بابت ٺهراءُ پيش ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو