ڪشمير کانسواءِ پاڪستان اڻپورو آهي، بلاول

ڪشمير کانسواءِ پاڪستان اڻپورو آهي، بلاول

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسان جي وڏڙن جنهن پاڪستان جو خواب ڏٺو هو، اُهو پاڪستان، ڪشمير کانسواءِ اڻپورو آهي، ڪشمير ننڍي کنڊ جَي ورهاڱي جِي اڻپوري ايجنڊا آهي، پ پ چيئرمين طرفان ڪشميري ڀائرن سان ٻڌي جي اظهار واري ڏهاڙي تي بيان جاري، بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سڄي پاڪستان جو عوام ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ آهي، پيپلز پارٽي هر فورم تي ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکندي، عالمي برادري ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي روڪڻ لاءِ گجرات جي ڪاسائي ۽ سندس قابض فورسز کي لغام ڏئي.

پهنجو تبصرو موڪليو