ڪشمير دنيا جو سڀ کان وڏو قيد خانو آهي: خورشيد شاهه

سکر(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاھ چيف جسٽس کي ملڪ جي حالتن بابت پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. سندس چوڻ آھي ته ڪشمير دنيا جو سڀ کان وڏو قيد خانو آھي ڪشمير جي جنگ سنت آھي. حڪومت پاڪ ايران پائيپ لائين جي مد ۾ گڏ ٿيل ٽيڪس جا سوا 200 ارب رپيا پنهنجن ماڻھن ۾ ورهائي ڇڏيا جيڪو وڏو ظلم آھي نيب کي ان معاملي کي به ڏسڻ گهرجي. پنهنجي رهائشگاھ تي ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي سيد خورشيد احمد شاھ چيو ته ڪشمير هن خطي جو وڏو معاملو آهي 75 کان 80 سالن کان ڪشمير جي آزادي جي جنگ وڙهي رهيو آھي. پاڪستان سدائين ان جنگ ۾ ڪشميرين سان گڏ آھي. 12 سالن کان 80 ورهين جي ڄمار وارا جنگ جي ميدان ۾ آھن. بدر ۽ احد جي جنگين جهڙا منظر آھن جن ۾ ثابت ٿيو ته جنگ جذبي سان کٽي سگهجي ٿي ان جنگ ۾ ڪڏھن پاڪستاني حڪمرانن جي بيحسي سامهون آئي ته ڪڏھن ڪشمير لاءِ سدائين وڙھڻ جا آواز به اڀريا. هن چيو ته ڪشمير دنيا جو سڀ کان وڏو قيد خانو آھي. پاڪستاني حڪمران ٽيليفونن تي رابطا ڪري رهيا آھن ۽ مسلمان ظالم مودي کي ايوارڊ ڏئي رهيا آھن اها پرڏيهي پاليسي جي ناڪامي آھي. مودي کي ڪهڙي ڪارنامي جي ڪري ايوارڊ ڏنو ويو ڪنهن کي به ڪا خبر ناهي. ڪشمير مسئلي لاءِ  ڀٽو شھيد  هڪ ڏينهن ۾ 16 ملڪن جا دورا  ڪيا ۽ بينظير صاحبه او آءِ سي کي فعال ڪيو. نعرن ۽ تقريرن سان مسئلو نه حل نه ٿيندو حڪمران، سياستدان ۽ ادارا هڪ صفحي تي هجڻ گهرجن. هتي سياستدان قيد آھن، حساب ڪتاب ٿيندا رهندا، دنيا کي ڏيکارڻ گهرجي ته هڪ آھيون. حڪومت عوام سان دوکو ڪيو آھي حڪومت سان پارليامينٽ اندر جنگ جاري رهندي پر ٻاهر هڪ آھيون. خورشيد شاھ جو چوڻ ھو ته ايران پاڪستان گئس پائپ لائين تي هڪ ٽيڪس لڳو هو ان سان پاڪستاني عوام پنهنجو ٽيڪس ڏئي گئس حاصل ڪري ها ان مد ۾ سوا 200 ارب رپيا عوام کان گڏ ٿيو اهو ٽيڪس گڏ ٿي حڪمرانن کي مليو، نيب نوٽيس وٺي اهو وڏو اسڪينڊل آھي. هي دنيا جو وڏو ڌاڙو آھي ايڏي وڏي اسڪينڊل تي ڪنهن نه ڳالهايو. 9 ارب جي فراڊ ڪرڻ واري کي سيڪريٽري بڻايو ويو. ان ماڻھو کي ڪنهن سيڪريٽري ڪرايو هو نه ٿو ٻڌائڻ چاهي. معاملا بيورو ڪريسي پئي هلائي پارليامينٽ هلائي ته بهتر آھي. هن چيو ته مهانگائي ملڪ کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي چيف جسٽس کان به مطالبو ڪجي ٿو ته انهن حالتن جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي جنهن ڪرپشن ڪئي آھي ان کي سخت سزا ڏني وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو