ڪشمير تي قبضو غلط آهي ته ڪراچي تي جائز ڪيئن؟ بلاول

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته ڪراچي تي قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي ته وفاقي سرڪار کي گهر وڃڻو پوندو، ڪالهه بنگلاديش ٺهيو، سڀاڻي سنڌو ديش ۽ پختونستان به ٺهي سگهي ٿا. حيدرآباد ۾ پ پ اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو چيو ته وفاقي وزير (فروغ نسيم) ڪراچي تي قبضي جو پلان پيش ڪيو آهي، اهو ڪئين ٿي سگهي ٿو ته غيرآئيني طريقي سان اسلام آباد مان ڪراچي کي ڪنٽرول ڪيو وڃي، جيڪڏهن ڪراچي تي غيرآئيني قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي ته وفاقي سرڪار کي گهر وڃڻو پوندو. پيپلز پارٽي ڪنهن به صورت ۾ سنڌ خلاف سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي. ڪٿي آهن اُهي سياستدان، جيڪي مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جا نعرا هڻندا هئا. هن  چيو ته اهڙين حرڪتن جي ڪري ماضيءَ ۾ ملڪ ٽٽو، جمهوري قوتون کي ڪمزور ڪيو پيو وڃي، آخري ساهه تائين وفاق کي بچائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، حڪمران هوش کان ڪم وٺن، ڪالهه بنگلاديش ٺهيو، سڀاڻي سنڌو ديش، سرائيڪي ديش ۽ پختون ديش به ٺهي سگهي ٿو. سنڌ کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ۽ ڪراچي جي قبضي جو مذاق ڪيو پيو وڃي. ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي وسيلن تي قبضو ٿيڻ نه ڏنو ويندو. هن چيو ته سنڌ مان گيس نڪري ٿي جيڪا سڄي ملڪ کي ڏني وڃي ٿي سنڌ وارن کي نٿي ملي، سنڌ کي چون ٿا ته مهانگي اگهه تي امپورٽ ٿيندڙ  ايل اين جي وٺو. ڪجهه هوش کان ڪم وٺو اسلامڪ ڊيموڪريٽڪ سسٽم هن ملڪ کي متحد رکيو آهي. هن چيو ته وزير اعظم عمران خان جيڪو هڪ طرف ڪشمير ۾ انساني حقن جي لتاڙ جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ تحفظ جي گهر ڪري رهيو آهي ته ٻي طرف پاڪستان ۾ عوام جي حقن جي لتاڙ ڪري رهيو آهي . هن وڌيڪ چيو ته  عمران خان ڪشمير تي ڀارتي قبضي بابت نريندر مودي تي تنقيد ڪري رهيو آهي ته ٻي طرف پاڻ ڪراچي تي قبضو ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي جيڪا سنگين مذاق آهي هن حڪومت کي تنقيد جو نشانو بنائيندي چيو ته ملڪ هلائڻ ڪو ڪرڪيٽ ميچ ناهي اهڙين ئي حرڪتن  سبب ماضي ۾ ملڪ ٽٽو هو. بلاول ڀٽو چيو ته آمر 18 ترميم تي حملو ڪرڻ اچي رهيا آهن پر اسان 18هين ترميم جي ذريعي 1973ع جي اصل آئين کي بحال ڪرايو. آمرن سان وڙهي قربانيون ڏئي آئين کي بحال ڪيو. هاڻي وري اسان جو وزيراعظم سنڌ ۾ اچي چوي ٿو ته وفاق 18هين ترميم جي ڪري ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي رهيو آهي.هن چيو ته سنڌ کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڪراچي تي قبضي جو مذاق ڪيو پيو وڃي، پر پ پ ڪٺ پتلي ۽ غير جمهوري قوتن جي سامهون ڀت جيان بيٺل هوندي. ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي وسيلن تي قبضو برداشت نه ڪنداسين. وزيراعظم کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان ملڪ ۾ ماڻهن کي سياسي قيدي بڻائي ڇڏيو آهي ۽ عوام کان سندن حق ڦريا پيا وڃن. هن چيو ته سليڪٽڊ جو ڪم عوام کي خوش رکڻ ناهي هوندو. عوام مٿان وڌل مهانگائي جو وزن ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪنداسين. بلاول چيو ته جڏهن آصف زرداري جي حڪومت آئي هئي ته پاڪستان دهشتگردي جو شڪار هو، مشڪلاتن جي باوجود آصف زرداري ملڪ کي سنڀاليو. هن چيو ته معاشي مشڪلاتن جي باوجود آصف زرداري پگهارون ۽ پينشنون وڌايون آصف زرداري مشڪل حالتن ۾ به غريب عوام کي رليف ڏنو. هن چيو ته وفاقي حڪومت ٽيڪس جمع نٿي ڪري سگهي اها ڪيئن حڪومت هلائيندي، نااهل حڪومت جي ڪري  هر صوبي کي گهٽ پئسا ملي رهيا آهن. بلاول چيو ته سنڌ جي گيس پوري پاڪستان کي ڏني ويندي آهي پر سنڌ حڪومت تي هر طرف کان حملا ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ظلم هڪ حد تائين برداشت ڪري سگهجي ٿو. ڪالهه بنگلاديش ٺهيو هو، جيڪڏهن ظلم ڪندا رهندو ته سڀاڻي سنڌوديش به بڻجي سگهي ٿو. ۽ پختونستان به بڻجي سگهي ٿو. هي آئين جي خلاف ورزي ڪري رهيا آهن ڇا ڪراچي کي اسلام آباد وارا هلائيندا.؟ هن حڪومت کي هاڻ گهر وڃڻ گهرجي. ايم ڪيو ايم جا ميمبر به هاڻ استعيفيٰ ڏين. ياد رهي ته قانون واري وزير فروغ نسيم ڊان کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو هو ته وفاقي حڪومت آئين جي آرٽيڪل 149 هيٺ ڪراچي  جو انتظامي ڪنٽرول سنڀالڻ چاهي ٿي جيئن بهتر ترقياتي ڪم ڪرائي سگهون. هن چيو هو ته 14 سيپٽمبر تي ڪابينا جي اجلاس ۾ ان بابت غور ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو