ڪشمور ۾ مڙس هٿان چاقن جا وار ڪري زال قتل

ڪشمور: (ن س) گڊو ٿاڻي جي حد سيف الله محلا ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان زال قتل، جوابدار آصف ميراڻي پنهنجي 30 ورهين جي گهر واري ۽ چئن ٻارن جي ماءُ مسمات شاهده کي سخت تشدد جو نشانو بڻائيندي چاقن جا وار ڪري موقعي تي ئي قتل ڪري ڇڏيو.اهڙي وقعي جو اطلاع ملندي ئي گڊو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول عورت جو لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ضروري ڪارروائي لاء سول اسپتال ڪشمور منتقل ڪري ڇڏيو جڏهن ته حد جي پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار آصف ميراڻي کي گرفتار ڪري ورتوپوليس موجب 30 ورهين جي مقتولا عورت شاهده 4 ٻارن جي ماءُ هئي، افسوسناڪ واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوري علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو آهي. جڏهن ته ڏکوئيندڙ واقعي جو اطلاع ملندي ئي مقتولا عورت جي والدين جي گهرن ۾ پڻ ڪهرام مچي ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو