راڻي جي دعوت، سڀ سوٽن سان، سرفراز ديسي لباس ۾

لنڊن (م ڊ) ڪرڪٽ ورلڊ ڪپ 2019 شروع ٿي ويو آهي ۽ اڄ پهرين ميچ ميزبان انگلينڊ ۽ ڏکڻ افريقا وچ ۾ کيڏي پئي وڃي. سڀاڻي پاڪستان ۽ ويسٽ انديز ۾ مقابلو آهي. گذريل رات برطانيا جي راڻي ايلزبيٿ ٻئي سمورين ٽيمن جي ڪپتانن جي مان ۾ دعوت ڪئي، جنهن ۾ سڀئي ڪپتان سوٽ بوٽ پائي آيا. تقريب ۾ قرعه اندازي ذريعي مليل دعوت ۾ 4 هزار ماڻهو شريڪ ٿيا.

بڪنگهم پيليس جي سامهون روڊ تي هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي. جنهن ۾ ٽرافي پڻ رکي وئي.
چاچا ڪرڪٽ به لنڊن پهچي ويو ۽ تقريب ۾ شرڪت ڪئي.
برطانوي راڻي جي دعوت ۾ پاڪستاني ڪپتان سرفراز احمد شلوار قميض پائي آيو
ملالا يوسفزئي فرحان اختر سان گڏ نظر آئي
دعوت ۾ ڪجهه ڪرڪٽر خوش نظر آيا
.انيل ڪمبلي ۽ فرحان اختر خوشگوار موڊ ۾

پهنجو تبصرو موڪليو