ڪرڪٽ جي تاريخ ۾ نئون اضافو، نو بال لاءِ ٿرڊ امپائر مقرر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪرڪٽ جي تاريخ ۾ نو بال لاءِ ٿرڊ امپائر مقرر ڪرڻ جو نئون تجربو شروع ڪيو ويو آهي. پهريون ڀيرو ڪرڪٽ جي تاريخ ۾  ان ڏس ۾ ٿرڊ امپائر حيدر آباد ڏکڻ ۾ ڀارت ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ کيڏيل ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ٿرڊ امپائر مقرر ڪيو ويو. جنهن پهريون فيصلو ويسٽ انڊيز جي بالنگ دوران 13 هين اوور ڪيسرڪ وليمز ان وقت تاريخ جو حصو بڻجي ويو جڏهن سندس بال کي ٿرڊ امپائر نو بال قرار ڏنو. فيلڊ امپائر ان کي نو بال قرار نه ڏنو هو. ڪرڪٽ جي دنيا ۾ ڪافي عرصي کان نو بال جو معاملو بحث هيٺ رهيو آهي ۽ تازور پاڪستان ۽ آسٽريليا جي سيريز ۾ به اهو معاملو اٿيو ۽ 21 نو بال اهڙا هئا جيڪي فيلڊ امپائر نه ڏنا. جنهن بعد نو بال جي مانيٽرنگ کاءِ ٿرڊ امپائر مقرر ڪيو ويو. ماضي ۾ فيلڊ امپائر جي غلط فيصلن سبب ڪجهه ميچز جا ته فيصلا ئي تبديل ٿيندا رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو