ڪرپشن ڪيس ۾ مري ويل ملزم به ڏنڊ لازمي ڀريندو، چيف جسٽس

اسلام آباد( اياز مهر) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو آهي ته ڪرپشن ڪيس ۾ مري ويل ملزم کي به ڏنڊ جي رقم ڀرڻي آهي. اهڙو اظهار هن اڱاري تي نيب جي اپيل جي سماعت دوران هڪ ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي ڪيو. هن ڪيس ۾ بلوچستان جي ڪمشنر آفس جي ڪيشيئر محمد ڪليم ڀٽي کي ٽرائل ڪورٽ 5 سال سزا ڏيڍ ڪروڙ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي ۽ ڏنڊ نه ڀرڻ تي 2 سال اضافي جيل جي سزا ڏني هئي. جنهن خلاف هن بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي پر هاءِ ڪورٽ به سندس سزا برقرار رکي. ملزم ڏنڊ ڀرڻ بدران ٻه سال اضافي جيل ڪاٽيو جنهن بعد ٻيهر بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي ته عدالت سندس ضبط ڪيل ملڪيت واپس ڪري ڇڏي. جنهن خلاف نيب سپريم ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي. جنهن جي سماعت دوران چيف جسٽس چيو ته اڳ ۾ سپريم ڪورٽ چيو هو ته اضافي سزا ڪاٽن بعد به ڏنڊ لازمي ڀرڻو آهي ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي کي غلط سمجهو آهي. چيف جسٽس چيو ته ڇا ڪو به ملزم اضافي سزا ڪاٽي ڪرپشن سان ٺاهيل ملڪيت کي قانوني بڻائي ڇڏيندو؟، هن واضح ڪيو ته جيڪڏهن ڪوملزم فوت ٿي وڃي ٿو ته ان کي به ڏنڊ جي رقم ڪرپشن ڪيس ۾ ادا ڪرڻ لازم آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو