ڪرونڊي وٽ مزدا ۽ چنگچي ۾ ٽڪر مال جو واپاري فوت

فيض گنج (وسيم سولنگي) ڪرونڊي ڊگري ڪالج وٽ مزدا ۽ چنگچي رڪشا ۾ ٽڪر سبب مال جو واپاري فوت ٿي ويو. ڪوٽ لالو واسي 28 سالن جو معشوق علي لاشاري جي حادثي سبب منڊي ڪٽجي وئي ڌڙ سسي کان ڌار ٿي ويو. فوتي نوجوان جو لاش فيض گنج جي سرڪاري اسپتال آندو ويو جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. ٻڌايو وڃي ٿو ته فوتي نوجوان مال جو واپاري هو پڙي تي مال کپائڻ لاء وڃي رهيو هو ته حادثو پيش آيو، جڏهن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو