ڪرنٽ لڳڻ ڪري نوجوان فوت، وارثن جو احتجاج

ٽنڊوغلام حيدر(ميرحسن رند) ڳوٺ علي مراد چانڊيو ۾ بجلي جي 11 هزار وولٽ جي ڪريل تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب 20 ورهين جو نوجوان محمد صديق عرف لالو پٽ علي محمد چانڊيو فوت ٿي ويو. فوتي نوجوان جي وارثن بدين اسٽاپ تي لاش رکي حيسڪو تلهار خلاف احتجاج ڪندي چيو ته ٻن ڏينهن کان بجلي جا ٿنڀا ۽ تارون ڪريل ھيون اطلاع باوجود حيسڪو پاران ڪو به عملو نه پهتو جنهن سبب اسان جو نوجوان فوت ٿيو آهي. اختياريون نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪن. نوجوان جو لاش ٽنڊوغلام حيدر اسپتال آندو ويو جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ٽنڊوغلام حيدر ٿاڻي جي ايس ايڇ او ارشاد علي شاهاڻي ٻڌايو ته فوتي جي ڀاءُ حاجي چانڊيو جي فرياد تي تلهار ايس ڊي او عبدالستار چنا خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو