ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي پي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو اهي ته ڪربلاجي واقعي مان اسان کي درس ملي ٿو ته عظيم مقصدن لاءِ وڏيون قربانيون ڏيڻيون پون ٿيون ۽ آخرڪار فتح هميشه سچ جي ٿيندي آهي ميڊيا سيل بلاول هائوس مان جاري ڪيل بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري يوم عاشور جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته حضرت محمد صلعم جي ڏهٽي حضرت امام حسين عليه اسلام پنهنجي ۽ پنهنجن پيارن کي قربان ڪري سيکاريو ته حق سان گڏ بيهندڙ سر ڏئي ته سهگي ٿو پر جهڪائي نٿو سگهي هن چيو ته امام حسين جي سمورن ساٿين گڏوگڏ سندس ڀيڻ بي بي زينب جو حصولو، صبر ۽ استقلال ۽ تدبر بشرراه آهي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ هي عهد ڪرڻ جو ڏينهن آهي ته اسان پنهنجي زندگين کي حضرت امام حسين عليه سلام جي تعليم جي روشني ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي قيام کان پوءِ پنهنجي دور جي هر يزيد جي خلاف جدوجهد ڪئي ۽ لازوال قربانيون ڏنيون آهن. ملڪ ۽ معاشري ۾ يزيدي سوچ ڪنهن به شڪل ۾ هجي يوم عاشور تي اسان ان جي خلاف مزاحمت جو وچن ورجايون ٿا ڇو ته حسينيت ظالم سان وڙهڻ ۽ مظلوم سان ٿيڻ ڏيڻ جو نالو آهي.
