ڪراچي ۾ 16 کان 23 آگسٽ تائين گئس جي شديد کوٽ جو خدشو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ 16 کان 23 آگسٽ تائين گئس جي شديد کوٽ جو خدشو آهي.سوئي سدرن موجب گيس فيلڊ جي سار سنڀال سبب شهر کي گئس جي فراهمي سڀاڻي کان 15 آگسٽ تائين متاثر ٿيندي.گيس فيلڊ جي سار سنڀال سبب 50 ايم ايم سي ايف ڊي گيس جي کوٽ پيدا ٿيندي.12 آگسٽ کان 27 آگسٽ تائين شهر ۾ ڪنڊا-پيساڪي گئس فيلڊ جي مرمت ڪئي ويندي.سوئي سدرن موجب 16 آگسٽ کان 23 آگسٽ تائين 107 ايم ايم سي ايف ڊي گيس جي وڏي کوٽ پيدا ٿيندي.شهر ۾ گئس جي فراهمي 23 کان 27 آگسٽ تي به متاثر ٿيندي.سوئي سدرن جو چوڻ آهي ته گئس ڊسٽري بيوشن سسٽم جي آخر ۾ علائقن ۾ گئس جي کوٽ ٿي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو