ڪراچي ۾ ڦورن هٿان ٻارڙو مارجي ويو،هڪ ڦُورو به مارجي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي سهراب ڳوٺ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 8 ورهين جو ٻارڙو مارجي ويو جڏهن ته سندس 20 ورهين جو چاچو زخمي ٿي پيو.واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس پهچي جوابدار جو تعاقب ڪيو ۽ مقابلي بعد کيس ماري ڇڏيو، مارجي ويل جوابدار خلاف 10 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.پوليس موجب سهراب ڳوٺ جوڻيجو ڪالوني ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 8 ورهين جو اسرار مارجي ويو، جڏهن ته سندس 20 ورهين جو چاچو عباس زخمي ٿي پيو.مقتول جي چاچي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 2 ڌاڙيلن جو پاڻ ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران انهن مان هڪ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽي ۾ ويٺل ٻار ۽ سندس چاچي زخمي ٿي پيا.پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ۽ ڌاڙيلن جو تعاقب ڪيو، جڏهن ته سهراب گوڙ ندي وٽ ڌاڙيلن جو مقابلو ٿي پيو.نصرالله عرف روگ لواڻي خلاف 10 ڪيس داخل آهن، جن مان 9 ڪيس سهراب ڳوٺ ٿاڻي ۾ داخل آهن جڏهن ته هڪ ڪيس گبول ٽائون ٿاڻي ۾ داخل آهي.پوليس مقتول جي ٻين ساٿين جي پڻ ڳولا ڪري رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو