ڪراچي ۾ ڏيڍ مهيني ۾ قرباني لاءِ 53 جانور چوري ڪيا ويا

ڪراچي ۾ ڏيڍ مهيني ۾ قرباني لاءِ 53 جانور چوري ڪيا ويا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ جتي اسٽريٽ ڪرائيمز جو انگ وڌي رهيو آهي اتي عيدالضحيٰ جي موقعي تي قرباني لاءِ آندل 53 جانور چوري ڪيا ويا ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيمز کان پوءِ قرباني واري عيد ويجهو ايندي ئي قرباني جي جانورن جي چوري وڌي رهي آهي ۽ شهر ۾ رڳو ڏيڍ مهيني ۾ قرباني لاءِ آندل 53 جانور چوري ڪيا ويا آهن چوري ڪيل جانورن ۾ 42 ٻڪر، 11 ڳئون شامل آهن نارٿ ڪراچي سيڪٽر 7 اي پلاٽ مان حمزه سعيد جا 40 ٻڪر چوري ٿيا ۽ عزيزآباد، ياسين آباد مان دڪان جو شٽر ڪٽي ٻه ٻڪر چوري ڪيا ويا فيريئر ٿاڻي جي ويجهو فليٽ مان ساڍا 3 لک رپين جي ڳئون چوري ڪئي وئي گلشن اقبال بلاڪ 10 اي گهر ٻاهران ٻڌل چور گاڏي ۾ وجهي کڻي ويا. اورنگي ٽائون مان 7 جوابدار قرباني جا 4 جانور چوري ڪري ويا جڏهن ته انهي علائقي مان دڪان ۾ ٻڌل قرباني جا 5 جانور به چوري ڪيا ويا چوري ٿيندڙ قرباني جي جانورن مان هڪ به جانور پوليس هٿ نه ڪري سگهي جڏهن ته گلشن اقبال مان چوري ٿيل جانور مالڪ پاڻ ڳولي هٿ ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو