ڪراچي ۾ پوليس اهلڪار ڀاءُ ۽ ڀائٽي هٿان قتل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي لياري گلستان ڪالوني ۾ پوليس اهلڪار کي ڀاءُ ۽ ڀائٽين تشدد ڪري فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا.پوليس موجب لياري جي گلستان ڪالوني ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ ڪانسٽيبل اسماعيل مارجي ويو، مقتول هيڊڪوارٽر گارڊن ۾ مقرر هو.جهيڙي دوران فائرنگ جو واقعو پيش آيو، مقتول سندس ڀاءُ گل ضامن ۽ سندس 4 پٽ گڏجي مارجي ويا.پوليس جو چوڻ آهي ته جهيڙو ملڪيت جي تڪرار تان ٿيو آهي، واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو