ڪراچي ۾ ٻيهر هلڪي برسات شروع،ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ اڄ صبح ٻيهر تيز برسات شروع ٿي وئي.موسميات کاتي ڪراچي شهر ۾ اڄ ڏينهن تائين وقفي وقفي سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي ۽ ان حوالي سان چيف ميٽولوجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته شهر ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات پئجي سگهي ٿي. ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هاڻي برسات شروع ٿي وئي آهي، سرجاني ٽائون، نارٿ ڪراچي، اسڪيم 33، ناگين چورنگي، نارٿ ناظم آباد، گلشن اقبال ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز برسات شروع ٿي وئي آهي.موسميات جي تجزيه نگار موجب ڪلفٽن ۾ هن وقت تيز برسات ٿي رهي آهي جيڪا اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ جاري رهي سگهي ٿي، برسات جي رفتار 82 ملي ميٽر في ڪلاڪ آهي، شهر مٿان ويسٽرن سسٽم جو حصو انتهائي فعال آهي. گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات پي اي ايف فيصل شرجيل ۾ 75 ملي ميٽر، سرجاني ٽائون ۾ 63.8 ملي ميٽر ۽ ملير هالٽ ۾ 64 ملي ميٽر، اولڊ ايئرپورٽ ايريا ۾ 51 ملي ميٽر، جڏهن ته سڀ کان گهٽ برسات ڪورنگي ۾ 23 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. ڪراچي ۾ گذريل رات ٿيل طوفاني برسات جو پاڻي مختلف هنڌن تي موجود آهي، جڏهن ته شهر ۾ برسات کانپوءِ درياهه ۽ واهن ۾ پاڻي اچي ويو آهي ۽ ڪورنگي ڪاز وي تان برساتي پاڻي جي نيڪال جو سلسلو جاري آهي.ڪراچي ۾ برسات کانپوءِ هيٺاهين وارا علائقا پاڻي ۾ اچي ويا، ڊفينس ڪورنگي روڊ تي پاڻي جمع ٿيڻ سبب ڪيتريون ئي گاڏيون بيهجي ويون ۽ ٽريفڪ جام ٿي وئي، جڏهن ته شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي پڻ معطل ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو