ڪراچي ۾ واپارين کام لکين رپيا ڦر، ڦورو فرار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ چور 2 واپارين کان لکين رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا.پوليس موجب گودام چورنگي ويجهو واپاري متين کان 5 لک رپيا ۽ ڪورنگي نمبر ساڍي 3 وڳي ۾ گهارو مان آيل واپاري کان 35 هزار رپيا ڦر ڪري ويا.هوڏانهن گلستان جوهر بلاڪ I ۾ جوابدار بيڪري جي ٻاهران موٽرسائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا.ٻئي طرف اورنگي ٽائون ۾ پوليس مقابلي دوران فرار ٿيل ڊڪٽن هٿان هڪ عورت مارجي وئي ۽ لانڍي نمبر 6 ۾ گوليون لڳڻ سبب نوجوان زخمي ٿي پيو. ان کان علاوه منگھوپير ۾ پوليس اهلڪارن جي فائرنگ ۾ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو، جڏهن ته ڪراچي جي مختلف علائقن مان 5 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو