ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ساڍا يارهن نمبر تي مبينا پوليس مقابلي دوران فائرنگ جي شديد ڏي وٺ ۾ 2 مبينا ڌاڙيل مارجي ويا آهن، جڏهن ته جوابدارن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ شاهين فورس جو هڪ اهلڪار پڻ شهيد ٿي ويو آهي. پوليس موجب، شاهين فورس جي اهلڪارن گشت دوران موٽرسائيڪل تي سوار 2 مشڪوڪ ماڻهن کي بيهڻ جو اشارو ڪيو، جنهن تي جوابدارن بيهڻ بدران پوليس مٿان سڌي فائرنگ ڪري ڏني. پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ٻئي ڊوهاري موقعي تي ئي مارجي ويا، جڏهن ته گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿيل اهلڪار اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي شهادت ماڻي ورتي.










