ڪراچي ۾ سياري باوجود 14 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪي اليڪٽرڪ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جي دورانيي ۾ غير معمولي واڌ ڪري ڇڏي. ذريعن موجب فيڊرل ڪيپيٽل ايريا ۾ 14 ڪلاڪن کان وڌيڪ جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته لياقت آباد سي ون ايريا ۾ 16 ڪلاڪن کان وڌيڪ جي لوڊشيڊنگ جون شڪايتون وصول ٿيون آهن. ان کانسواءِ لانڍي، ڪورنگي، اولڊ سٽي ايريا، الله والا ٽائون ۽ ٻين علائقن ۾ به 12 کان 14 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سياري ۾ بجلي جي طلب ۾ گهٽتائي باوجود ڊگهي لوڊشيڊنگ سمجهه کان ٻاهر آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو