ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي گلشن اقبال ۾ خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 500 کان وڌيڪ موٽرسائيڪلون، بسون، رڪشا ۽ ڪيس پراپرٽيز جون ڪيتريون ئي گاڏيون سڙي رک ٿي ويون.فائر برگيڊ اهلڪارن موجب باهه گلشن اقبال عزيز ڀٽي پارڪ ڀرسان ٻڪرين ۾ لڳي جنهن بعد نگراني هيٺ آيل گاڏين کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو.نظارت اها جاءِ هوندي آهي جتي سامان جهڙوڪ موٽرسائيڪل، بس، ٽرڪ، گاڏيون ۽ رڪشا ۽ ٻيو سامان ڪيس جي ملڪيتن ۾ رکيو وڃي ٿو ۽ ضرورت مطابق عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو.اختيارين جو چوڻ آهي ته باهه تي ضابطو آندو ويو آهي پر ٽائر سڙڻ سبب دونهون بلند ٿي رهيو آهي، فائر برگيڊ جون 6 گاڏيون باهه وسائڻ ۾ مصروف آهن، ڪوششون جاري آهن ته جلد باهه تي ضابطو آندو وڃي، فليٽس کي محفوظ بڻايو وڃي.اختيارين جو چوڻ آهي ته باهه ۾ 500 کان وڌيڪ موٽرسائيڪلون، هڪ بس، ٻه رڪشا ۽ 6 کان 7 گاڏيون مڪمل طور تي سڙي رک ٿي ويون.










