ڪراچي ۾ اڄ کان گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي جو امڪان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)موسميات کاتي ڪراچي ۾ اڄ کان گرمي جي شدت ۾ گهٽتائي جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.موسميات جي تجزيه نگارن موجب شهر قائد ۾ ڏينهن جي وقت گرم ۽ خشڪ هوائون هلنديون جڏهن ته شام کان پوءِ سامونڊي هوائون ٻيهر شروع ٿي سگهن ٿيون. موسميات کاتي شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 20 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 34 کان 36 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.ٻئي طرف موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اڄ ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ رهندو، پر شام ۽ رات جي وقت جزوي طور تي گجگوڙ رهندو.جڏهن ته گلگت بلتستان ۽ مٿانهين خيبرپختونخواهه ۾ ڪجهه هنڌن تي هلڪي برسات جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو