ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پ پ ڪارڪنن ۾ جهيڙو، 1 ڄڻو فوت

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ناظم آباد نمبر 2 ۾ ٻن سياسي پارٽين ۾ خوني جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ سياسي پارٽي جو ڪارڪن مارجي ويو، جڏهن ته ٻئي سياسي پارٽي جو ڪارڪن زخمي ٿي پيو. مڇريل ماڻهن ٻن ڊبل ڪيبن گاڏين کي باهيون، جڏهن ته ڪيترين ئي گاڏين جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا. پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري موقعي تي پهچي فائرنگ جي شڪ ۾ 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.ناظم آباد نمبر 2 ملٽي چوڪ جي ويجهو آچر ۽ سومر جي رات دير سان ٻن سياسي پارٽين جي ڪارڪنن ۾ جهيڙي سبب علائقو فائرنگ سان گونججي اٿيو. هٿياربندن گاڏين تي ڏنڊا وسايا جنهن سبب ڪيترين ئي گاڏين جا شيشا ٽٽي پيا. واقعي واري هنڌ کان ٿورو اڳتي گلبهار ٿاڻي جون 2 موبائيلون موقعي تي پهتيون پر پوليس جي موجودگي ۾ به فائرنگ جو سلسلو جاري رهيو جنهن سبب 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. هڪ زخمي کي پرائيويٽ گاڏي ۾ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته ٻئي زخمي کي اسپتال موڪلڻ لاءِ پوليس موبائل ۾ وڌو ويو. پوليس موبائيل فائرنگ سبب علائقي مان نڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي. جنهن کان پوءِ زخمي کي ويگو گاڏي ۾ منتقل ڪري عباسي شهيد اسپتال آندو ويو جتي ڊاڪٽرن ٻڌايو ته زخمي ٿيل شخص فوت ٿي ويو آهي. پوليس موجب مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ 44 ورهين جي فراز احمد قريشي جي نالي سان ٿي آهي جڏهن ته زخمي ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ 25 ورهين جي رائو محمد طلحه جي نالي سان ڪئي وئي آهي.علائقي جي رهواسين موجب پيپلز پارٽي جي ريلي علائقي مان گذري رهي هئي ته ان دوران پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ايم ڪيو ايم پاڪستان جي آفيس سامهون پنهنجو جهنڊو لڳائي رهيا هئا ته ان دوران ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي جيڪا بعد ۾ هاٿاپائي تائين پهچي وئي.ان دوران گاڏين ۾ سوار نامعلوم ماڻهن انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني هٿياربندن گاڏين تي ڏنڊا وسايا. علائقي جي رهواسين ٻڌايو ته فائرنگ جي آواز پري پري تائين ٻڌي وئي. فائرنگ جي آواز ٻڌي گلبهار ٿاڻي جي پوليس موبائيل موقعي تي پهچي وئي پوليس جي پهچڻ باوجود فائرنگ جو سلسلو نه رڪجي سگهيو.پوليس موجب فائرنگ ۾ مارجي ويل فراز پاپوش نگر جو رهواسي ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان گلبهار سيڪٽر يونٽ 38 جو انچارج هو جڏهن ته زخمي ٿيل رائو محمد طلحه پيپلز پارٽي جو ڪارڪن آهي. واقعي کان پوءِ ايم ڪيو ايم پاڪستان جا ڪيترائي مڇريل ڪارڪن عباسي شهيد اسپتال پهچي ويا جيڪي صبح جو 5 وڳي تائين اسپتال ۾ موجود رهيا. جنهن کان پوءِ مقتول جي لاش پوليس ڪارروائي کان پوءِ نيو ڪراچي ڪي ڪي ايف مرده خاني آندي وئي. پوليس موجب واقعي واري هنڌان فائرنگ جي شڪ ۾ 4 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو