ڪراچي ۾ اربين روپين جا منصوبا شروع ٿي رهيا آهن: ناصر شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ اربين رپين جا منصوبا شروع ڪري رهي آهي، پيپلز پارٽي جو ويزن صاف ڪراچي آهي. ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته پيپلز پارٽي شهر ۾ وڌيڪ ورهاڱي واري سياست نٿي چاهي، خدمت جي سياست ٿيڻ گهرجي، جماعت اسلامي ڏانهن محبت جو هٿ وڌايو آھي. هي آزاديءَ جو مهينو آهي ۽ هن مهيني ذريعي فيصلو ڪيو وڃي ته اسين ٽولن ۾ نه ورهنداسين، شهر جي ترقي لاءِ سڀ گڏجي ڪم ڪنداسين. عباسي شهيد اسپتال جي او پي ڊي ۽ ايمرجنسي هنگامي بنيادن تي بحال ڪئي پئي وڃي، اسان چاهيون ٿا ته سينٽرل ضلعي جي عوام کي سهولت ملي. اهڙن خيالن جو اظهار مڪاني کاتي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ۽ ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب پاران سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ پاران نيو ڪراچي زون سينٽرل ۾ منعقد ڪيل پرائمري ۽ سيڪنڊري سالڊ ويسٽ ڪليڪشن سسٽم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۾ ڪيو. تقريب ۾ ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد.، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ سيد نجم شاهه، سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر امتياز شاهه، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان جي صدر محمد احمد شاهه، پيپلز پارٽي ضلعي سينٽرل جي صدر مسرور احسن، جنرل سيڪريٽري دل محمد، سياسي معاملن بابت ميئر ڪراچي جو ترجمان ۽ چيف وھيپ ڪرم الله وقاصي، نيو ڪراچي ٽائون محمد يوسف ۽ ٻيا اڳواڻ ۽ آفيسر پڻ موجود هئا. مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته شهر ۾ صفائي جي حوالي سان تبديلي آئي آهي، هاڻي ڪراچي صاف ٿيندو. نيو ڪراچي جو سيڪٽر رھي ٿو، هاڻي اتي به صفائي جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. ڪراچي جا روڊ اڳ ۾ ڌوئي ويندا هئا، هاڻ جديد مشينري ذريعي انهن روڊن کي صاف ڪيو پيو وڃي. آئون ميڊيا کي گذارش ڪندس ته اها ڪوريج عوام کي ڏيکاري. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت سان گڏ ڊاڪٽر عاصم حسين به مرڪزي ضلعي جي بهتري لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ قيادت کي گذارش ڪئي ته سينٽرل ضلعي لاءِ فنڊ جاري ڪيا وڃن. حافظ نعيم الرحمان اسان لاءِ محترم آهي، پيپلز پارٽي هن سال جي بجيٽ ۾ ڪراچي لاءِ وڏا تعميراتي منصوبا جوڙيا آهن. پيپلز پارٽي ڪراچي کي اڳتي وٺي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ مڪاني ادارن واري وزير چيو ته عدالت پي ٽي آءِ جي چيئرمين کي سزا ڏيڻ ۾ دير ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نگران سيٽ اپ مشاورت سان ٿيندو، جيڪو به وزيراعظم ٿيندو ان تي اسان کي ڪو به اعتراض ناهي. هن چيو ته اسان کي ڪراچي ۾ بلديات تي سڀ کان وڌيڪ مينڊيٽ مليو آهي. اسان مستقبل ۾ به کٽنداسين، هن چيو ته سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ صفائي جو ڪم ڪري رهيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو