ڪراچي ۽ حيدرآباد جا پوليس سربراه تبديل اعليٰ آفيسرن جون بدليون

ڪراچي (دريا خان شر) سنڌ سرڪار ڪراچي پوليس جي سربراهه امير شيخ کي هٽائي غلام نبي ميمڻ کي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مقرر ڪري ڇڏيو آهي. چيف سيڪريٽري پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اميراحمد شيخ کي ايڊيشنل آءِ جي آپريشنز جي خالي عهدي تي مقرر ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب سنڌ پوليس جي قانون ۾ تازو ڪيل ترميم هيٺ وڏي وزير اختيار استعمال ڪندي بدلين جو حڪوم ڏنو. آءِ جي سنڌ کي وزير اعليٰ هائوس گهرايو ويو جتي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز شاهه به موجود هو. جنهن دوران وڏي وزير بلين جو حڪوم ڏنو. نئيز ترميمي قانون مطابق وڏو وزير آءِ جي پوليس جي مشاورت سان بدليون ڪري سگهي ٿو. ذريعن موجب وڏو وزير امير شيخ تي ناراض هو، هن کي ڪلفٽن سميت ڪجهه ايس ايڇ اوز کي بدلي ڪرڻ لاءِ چيو جيڪو هن نه مڃيو. جنهن بعد وڏي وزير آءِ جي کي چيو ته شيخ کي وفاق موڪليو اها ڳالهه آءِ جي به نه مڃي. جنهن بعد وڏو وزير ناراض ٿيو. اسپيشل برانچ جي ايڊيشنل آءِ جي ولي الله دل کي هٽائي ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد مقرر ڪيو ويو آهي، جتان غلام سرور جمالي کي ايس اينڊ جي اي ڊي رپورٽ ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. جڏهن ته عمران يعقوب منهاس جيڪو پوسٽنگ جي انتظار ۾ هو تنهن کي ولي الله دل جي جاءِ تي ايڊيشنل آءِ جي اسپيشل برانچ ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي. مٿي ڄاڻايل بدلي ڪيل آفيسر پوليس سروس جي گريڊ 21 جا آهن. جڏهن ته گريد 20 هين جي فرحان علي جوڻيجو کي ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي ۽ گريڊ 20 جي آفيسر قمر الزمان کي ڊي آءِ جي ٽرئفڪ، لائيسنس اينڊ ٽريننگ ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته نئون پوليس آرڊر پاس ٿيڻ کانپوءِ سنڌ سرڪار طرفان پهريون ڀيرو پوليس ۾ اعليٰ عهدن تي اکاڙ پڇاڙ ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو