ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) بلوچ ڪالوني ويجهو گهر ۾ فائرنگ ۾ هڪ ڀاءُ مارجي ويو ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو.پوليس موجب، فوت ٿيل شهري جي سڃاڻپ بهاءُ الدين ۽ زخمي جي سڃاڻپ محي الدين جي نالي سان ٿي آهي. فوت ٿيل ۽ زخمي ٻنهي ڀائرن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس وڌيڪ چيو ته فائرنگ جو واقعو گهريلو تڪرار دوران پيش آيو. جوابدار پنهنجي ڀائرن تي فائرنگ ڪئي ۽ فرار ٿي ويو، ۽ ڳولا جاري آهي.










